لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي برطانيا جي دوري جي لاءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ تي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي رسم ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي م??مبر ملڪن جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئي?? پاران تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ٿيندڙ دعوت ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران لنڊن ۾ ميان محمد نواز شريف سان ملاقات پڻ ڪندو.