اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏ??هي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڌرين گهڻ رخي ۽ تاريخي لاڳاپن جو جائزو ورتو. هنن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو انگ وڌيڪ وڌائڻ ۽ ??مو??ن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موجوده اداراجاتي ميڪانزم کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، افرادي ق??ت، زراعت، ٽرانسپورٽ رابطن ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ جارجيا جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏ??هي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جو نائب پرڏ??هي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي ق??ادت ڪري رهيا آهن. ايجنڊا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي.