اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرضن جي فراهميءَ ل??ءِ 10 ارب رپيا، يوٿ اسڪلز پروگرام ل??ءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وزير اسحاق ڊآر چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان حڪومت جي خاص توجهه جا گهرجائو آهن ڇاڪاڻ ته اڄ جا نوجوان ئي اسان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن. هو قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان ل??ءِ تجويز آهي ته ايندڙ ٽن سالن تائين ڪنهن نوجوان يا نوجوانن تي ٻَڌل اي او پي طرفان شروع ڪيل ڪاروبار سان ٿيل آمدنيءَ تي ٽيڪس جي شرح ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وڃي. هيءَ رعايت انفرادي يا اي او پي جي صو??ت ۾ 20 لک رپين ??ائين ۽ ڪمپنيءَ جي صو??ت ۾ 50 لک رپين ??ائين هوندي. ان سهولت مان فائدو کڻڻ ج?? ضرورت آهي ڪاروبار جي مالڪ جي عمر 30 سال هجي ۽ هو ڪاروبار پهرين ??ول??ءِ 23ع يا ان کان پوءِ شروع ڪيو وڃي، ان سان ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن جي همت افزائي ٿيندي ۽ نئين ??زنس آئيڊيا رکندڙ بزنس ليڊرز سامهون اچي سگهندا. وزيراعظمي وٿ پروگرام ذريعي ننڍن قرضن جي حاصلات تحت پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ل??ءِ رعايتي ريٽ تي قرض جي فراهمي ل??ءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم يوٿ اسڪلر پروگرام تحت نوجوانن جي خصوصي تربيت ڏيڻ ل??ءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.