ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ وار?? وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بائيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي، طوفان جو اطلاع ملندي ئي سنڌ جي وڏ?? وزير اُنھن علائقن جو دورو ڪيو، جن جي متاثر ٿيڻ ج?? خدشو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صوبائ?? وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي ۾ ماڻھو ڪوشش ڪن ته گ??رن کان غير ضروري طور ٻاھر نه نڪرن، ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي ۽ ماڻھن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي ج?? سلسلو اڃا به جاري آھي. ھن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي اپيل آھي ته اُھي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ احتياط ڪرڻ ج?? ضرورت آھي، ڪلائوڊ برسٽ به ٿي سگھي ٿو، ڪوبه شخص تفريح لاءِ سمنڊ جو رُخ نه ڪري، عوام حڪومت سان سھڪار ڪري. ھن چيو ته وڏ?? وزير مراد علي شاھ سامونڊي طوفان جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رھڻ ج?? چيو آھي، سمورن اسيمبلي ميمبرن جو فرض آھي ته اُھي عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ٻاھر نڪرن۔