اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روانگي و??پار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پا??ستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊينمارڪ ۽ روانڊا جي لاءِ پا??ستان جي نامز?? سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪي روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر سان ڊينمارڪ ۾ پا??ستان جي نامز?? سفير شعيب سرور ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامز?? سفير ملڪي روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته ڊيري ?? زراعت جي شعبن ۾ ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي، انفارميشن ٽيڪنالاجي به تعاون وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم شعبو آهي. هن چيو ته نامز?? سفير ڊينمارڪ جي هوائي توانائي جي ڪمپنين کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دعوت ڏي، نامز?? سفير قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزارتي سطح تي تازي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان روانڊا ۾ پا??ستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر نعيم الله خان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پا??ستان روانڊا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن. صدر چيو ته زراعت، خوراڪ جي تحفظ ۽ انساني و??يلن جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان آهن، نامز?? سفير درآمد ڪندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي مدد فراهم ڪري لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائي. صدر چيو ته نامز?? سفير روانڊا جي و??پارين کي پا??ستاني مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ انهن سان رابطو ڪري. صدر ٻنهي سفيرن کي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون اجاگر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.