اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعتن کي سستي بجلي ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ توان??ئي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسانجي تحفظ توان??ئي منصوبي جو حصو آهي، هي ??هم منصوبو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چشما پنج تي معاهدي تي صحيحون ان منصوبي جي تعمير طرف هڪ وڏو قدم آهي ??نهن سان سسٽم ۾ 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعت کي سستي بجلي جي فراهمي ۽ عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي توان??ئي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسان جي انرجي سيڪيورٽي پلان جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي مسلسل اعتماد ۽ اسان جي ماڻهن جي خوشحال مستقبل جي لاءِ چيني قيادت جا ٿورا مڃون ٿا، هي منصوبو 3.48 ارب ڊالر جي چيني سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو ويندو، 2017ع ۾ صحيحون ٿيڻ کانوءِ کان مهانگ??ئي جي باوجود چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪوآپريشن منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو نه ڪيو پر هن منهنجي درخواست تي 750 ملين آر بي ايم (30 ارب رپيا) جي رعايت ڏني. هن چيو ته پاڪ – چين مضبوط ڀائيچا??و وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي ??هم منصوبو ان گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو.