مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي مي??يا بابت وزير سلمان بن يوسف الدوساري گذريل ڏينهن حج 2023ع جي ڪوريج لاءِ قائم پريس آپريشن روم جو دورو ڪيو ۽ اتي سمورن معاملن جو جائزو ورتو ته جيئن حج جي ڪوريج ڪندڙ صحاف??ن جي ڪم کي آسان بڻائي سگهجي. ان موقعي تي مي??يا بابت وزير کي پريس آپريشن روم جي خدمتن ۽ ڪم جي طريقيڪار کي بريفن?? ڏني وئي. هن ورچوئل پريس سينٽر ۾ ڪم جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جيڪو هن سال جي حج سيزن جي ڪوريج ڪندڙ 1100 کان وڌيڪ مقامي ۽ عالمي صحافين کي ويڊيوز ۽ تصويرن سميت مي??يا سروسز فراهم ڪندو آهي. پنهنجي آغاز کان وٺي وي پي سي صحافين کي 1500 کان وڌيڪ پريس مواد جي دستيابي کي يقيني بڻايو آهي ۽ سومر کان شروع ٿيل حج جي 3 ڏينهن تائين پنجن ٻولين ۾ حج پريس ڪانفرنس به نشر ڪندو. مي??يا بابت وزير ايس پي اي جي پريس آپريشن روم جو به دورو ڪيو جنهن ذريعي مقدس هنڌن تي فيلڊ رپورٽرن سان نگر??ني ۽ هم آهنگي برقرار رکي ويندي آهي، اهو آپريشن روم منيٰ، عرفات ۽ ٻين مقدس هنڌن تي ايس پي اي جي قائم ڪيل چئن ٻين مي??يا مرڪزن مان هڪ آهي، جيڪو عالمي خابرو ايجنسين کي به سپورٽ ڪندو آهي. سعودي وزير کي ايس پي اي جي ڪوششن بابت بريفن?? ڏني وئي. هن حج سيزن کي ڪور ڪندڙ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي مي??يا رابطيڪار آفيسرن سان به ملاقات ڪئي. هن عرفات ۾ مي??يا واري وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيندڙ ڪم ۽ سالي??ني حج کي ڪور ڪرڻ ۾ استعمال هيٺ ٽيڪنالاجي جو به جائزو ورتو. ان بعد هن جمرات پل تي واقع سعودي براڊڪاسٽنگ اٿارٽي جي اسٽوڊيوز جو به دورو ڪيو ۽ کيس حج جي رڪنن جي ڪوريج ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي بابت بريفن?? ڏني وئي. هن عرفات م ايس پي اي جي مي??يا سينٽر جو به دورو ڪيو جيڪو ان هنڌ صحافين ۽ عالمي مي??يا شراڪتدارن کي ڪم ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري تيارين سان ليس آهي. مي??يا بابت وزير ان بعد منيٰ ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو. هن وزارت جي هيڊ ڪوارٽرز جي اندر عالمي صحافين لاءِ مختص مي??يا سينٽر جو به دورو ڪيو جتي هن ڪوريج ڪندڙ ڪيترن ئي صحافين سان پڻ ملاقات ڪئي. مي??يا بابت وزير وزارت جي سمورن ملازمن ۽ ان سان واڳيل اختيارين سان ٿورا مڃيا جيڪي حج جي سيزن جي ڪوريج ۾ حصو وٺندا آهن ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان حاج??ن جي خدمت ۽ حج جي سفر ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ اثرائتن قدمن کي اجاگر ڪيو.