اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تيزي سان تب??يل ٿيندڙ دنيا ۾ نوان سفارتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۾ تازو ئي متعارف ڪرايل انتظامي سڌارن سان ??ارڪردگي ۽ احتساب ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزارت ۾ گذريل هڪ سال دوران ??يل انتظامي سڌارن جي قدم بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 سڌاراجاتي ڪم شروع ڪيا ويا جن مان 19 مڪمل طور تي ۽ 3 جزوي طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن. آٽوميشن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي عمل، سفارتي، انتظاميا، ماليات ۽ ٻاهرئين ملڪ قونصلر خدمتن ۾ بهتري وغيره جي شعبن ۾ 29 قدم پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهن. پرڏيهي وزير عالمي سطح تي وزارت جي اهم ڪاميابين جو ذڪر ڪيو جن ۾ پاڪستان ??ي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ??ڍڻ، سي او پي 27 جي ڪامياب ميزباني، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۾ موثر ڪردار ۽ ٻي?? کانسواءِ لاڳاپن ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌائڻ جون ڪوششون شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا تيزي سان تب??يل ٿي رهي آهي ۽ فني ترقي سان ??ڏ طاقت جي شڪل پڻ تب??يل ٿي رهي آهي جڏهن ته سفارتي محاذن تي گڏيل رابطن جا نوان اصول ??ڻجي چڪا آهن. انهن تبديلين جي ڏس ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو ته جيئن راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڻي تيز رفتار ۽ متحرڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، اهڙي ۾ ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل چئلينج?? کان اڳتي رهڻ جي لاءِ گڏيل ڳانڍاپي جي موقف جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومي ۽ عالمي حقيقتن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ضرورت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سفارتي معاملن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ هڪ مثالي تبديلي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي جي انتظامي سڌارن سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي تي پڻ ڌيان ??نو ويو آهي. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته وزارت جي لاءِ هڪ سڌاراجاتي منصوبي جي مقصد جي لاءِ انهن سمورن لاڳاپيل ڌري?? کان معلومات طلب ڪئي ج?? کان زبردست راءِ ۽ تنقيدي بصيرت حاصل ٿي. هن چيو ته مستقبل جي علم تي ٻڌل معيشت، عالمي حرڪيات جي اهميت کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جمود کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ تيار هجڻ گهرجي.