اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي م??ڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان يوڪرين جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاقات ڪئي. وزيراعظم يوڪرين جي آزادي کانپوءِ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ يوريشيا جي خطن ۾ سلامتي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يوڪرين جي تڪرار جو عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آهي جنهن سان ڪيترن ئي م??ڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. يوڪرين جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يوڪرين جي موجوده صورتحال تي بر??فنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس ملڪ سد??ئي?? تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپ?? جو فائدو کنيو آهي جنه?? جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته يوڪري?? جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع ت??ئي?? پاڪستان جي دوري تي آهي.