اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفا??ي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران و??اقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اسان جو هڪ ئي مقصد ڪ??، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام آباد ۾ وفا??ي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جي اعلان وق?? نگران و??اقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان موجوده چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ مختصر وق?? آهي پر اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي خط لکيا ويندا. هن ان موقعي تي وفا??ي تعليمي بورڊ جي عملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ کين مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ڏهاڙي وارن استادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا آهن، جلد ڪ?? حل ڪڍنداسين.