ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تع??يم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تع??ير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ پرفارمنگ آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چانسلر کيس تع??يراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ??يڻ جي وقت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير، يونيورسٽيءَ ۾ اي آر ??اگوري آرٽ گيلري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران رکيل نمائش جو معائنو ڪيو. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن کان بيحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، وفاقي وزير کي يونيورسٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. مدد علي سنڌي معياري تع??يم ۽ يونيورسٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪو??شن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چانسلر پاران وفاقي وزير کي سووينئر، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير سان گڏ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز الله چانڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.