بيجنگ-19 آڪٽوبر (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائ?? جي شعبي ۾ تعاون عملي تعاون جو نمونو آهي. چيني خابرو اداري موجب صدر شي جن پنگ پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي موڪليل پنهن??ي پيغام ۾ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائي تعاون برابري، گڏ??ل فائدي ۽ عملي تعاون جو نمونو آهي ۽ ان ٻنهي ملڪن ۽ ايستائين جو دنيا ۾ توانائ?? جي سلامتي ۽ پائيدار ت??قي کي يقيني بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته مستقبل لاءِ چين اعليٰ معيار جي توانائ?? جي شراڪتداري قائم ڪرڻ ۽ عالمي توانائي مارڪيٽ جي ڊگهي مدي، صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار ت??قي کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي شفاف توانائي شراڪتدار?? جي تعمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. روسي صدر والاديمير پيوٽن به پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي مبارڪن وارو خط موڪليو آهي.