اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)گهرو ??عاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز ??حمد بگٽي پاڪ افغان سرحدي ??را??نگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هو افغان ناظم الامور سردار احمد شڪيب سان ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفي معاملن ۽ افغان شهرين جي پنهنجي وطن واپسي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪئي. گهرو ??زير سرفراز ??حمد بگٽي چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، هدايتون جاري ڪيون آهن ته پنهنجي وطن واپس ويندرن سان انتهائي عزت ۽ احترام سان پيش اچيو وڃي، هن چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه پئي آندي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪوتاهي ۽ بدتميزي ک?? هر گز برداشت ن?? ڪيو ويندو. گهرو ??زارت ۾ ان ڏس ۾ ڪنٽرل سينٽر ۽ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخانو هڪ نمائندو مقرر ڪري جيڪو شڪايت جي فوري حل لاءِ ڪنٽرول سينٽر سان هر وقت رابطي ۾ رهي، گهرو ??زير جو چوڻ هو ته ??را??نگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايوميٽرڪ کان ڇوٽ حاصل هوندي.