اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص مددگار مش??ال ملڪ چيو آهي ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي دٻائ?? لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، ڪشميري 76 سالن کان اڄ جي ڏينهن کي ڪاري ڏهاڙي ط??ر ملهائي رهيا آهن، جڏهن ڀارتي فوج اسان جي سرزمين تي پهر??ون ڀيرو اسان جي سرزمين تي قدم رکيو هو ڪشميري قوم آزاديءَ جو حق وٺي رهندي. اهڙو اظهار هن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي خاص مددگار مش??ال مل?? وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان ڪشميري 76 سالن کان اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏينهن ط??ر ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن ڀارتي قابض فوج اسان جي سرزمين تي پهر??ون ڀيرو قدم رکيو. هن چيو ته ڪشميري قوم هٿين خالي ڀارتي فوج جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشميري قوم ڏُک ۽ رت جون لازوال قربان??ون ڏن??ون آهن. مش??ال ملڪ چيو ته اسان ڪشميري عوام آزاديءَ جو حق وٺي رهنداسين، اسان جي اها جدوجهد آزادي ملڻ تائين جاري رهندي. مش??ال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت واري حق کي دٻائ?? لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙ??ون ڪري رهي آهي. گڏيل قومون هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن بڻائي جيڪا بين الاقوامي قانونن مطابق سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انهن ڏوهن جي جاچ ڪرائي.