اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته اسان ڀارت جي سپريم ڪ??رٽ پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿ??، ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪندس. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ??ي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ابت ڀارتي سپريم ڪ??رٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي طور تي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??ه اسان ڀارت جي سپريم ڪ??رٽ پاران ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير ??المي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ??ه ڄمون ۽ ڪشمير ??ي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪشميري عوام جي مرضي ۽ عالمي قانونن ۽ انصاف جي گهرجن جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ??ه ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ??ه پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.