اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي لا??ِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قو??ون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق کي اسعتمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لا??ِ ضروري قدم کڻي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي. نگران پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لا??ِ هر سال خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو، 1949ع ۾ اڄ جي ڏينهن گڏيل قو??ن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام کي خودمختياري جي حق جو موقعو ڏئي سگهجي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هر سال گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جي ان قانوني حق جي توثيق ڪئي وڃي ٿي ته اهي پنهنجي مقدر جو فيصلو پاڻ ڪندا. اها قرارداد غيرملڪي قبضي جي صورت ۾ ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي واضح حمايت ڪري ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪشميري عوام ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي استعمال نه ڪري سگهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لا??ِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ ڀارت جي ڪوششن جو مقصد آبادياتي ۽ سياسي تبديلين کي عمل ۾ آڻڻ آهي ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار ڪميونٽي بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي، ڀارت ڪشميرين کي انساني حقن جي منظم خلاف ورزين جو نشانو به بڻائي رهيو آهي، هن والاريل ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لا??ِ خوف جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قو??ون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق جو استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لا??ِ ضروري قدم کڻي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ بنيادي آزادين جي بحالي جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ انهن جي جدوجهد جي پنهنجي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.