اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پا??ليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته سينيٽ ۾ اليڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هن چيو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پا??ان اليڪشن جي دير جي حوالي سان ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪر?? اس??ن جي لاءِ ممڪن نه هو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي مسئلا آهن پر پاڪست??ن جي پا??لياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پا??ان اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي التوا يا انعقاد جو آئيني اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.