اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آفريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ ??لس??يني عوام تي ڪيل ظلمن ۽ 1951ع جي نسل ڪشي ڪنوينشن تحت اسرائيل پاران پنهنجي ذميوارين جي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ان قانوني ڪارروائي کي وقت سر سمجهون ٿا ۽ اسرائيل کي 7 آڪٽوبر 2023ع کان ??لس??يني عوام جي خلاف ٿيندڙ ظلمن جو حساب ڏيڻ طرف هڪ ا??م قدم سمجهون ٿا. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي درخواست ۾ اٿاريل خدشن جو پاڪستان پڻ اظهار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت ۽ ??لس??يني عوام جي خلاف قدم جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي جي برابر آهن. هن چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، اسرائيل پاران ??لس??يني عوام جي بيدردي سان قتل عام جي خاتمي، غيرانساني گهيراءُ کي ختم ڪرڻ ۽ ??لس??يني عوا?? کي انساني امداد جي فوري پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته ??لس??ين مسئلي جو واحد منصفاڻو حل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل ??لس??يني رياست جو قيام آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.