اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي فضائي ??وجن ??چ ۾ گڏيل فضائي ??شقن ذريعي سهڪار ۽ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي اتفا?? ڪيو. هنن پاڪ فضائيه ۽ آمريڪي فضائيه ??چ ۾ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فني صلاحيتن ۽ وفدن جي ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه طرفان تازو ئي ??ائم ڪيل ٽيڪنو پارڪس ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ آپريشنل تيارين ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني ترقي کي ڪتب آڻڻ تي اتفا?? ڪيو ويو. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏئي گڏيل منصوبن ۽ شراڪتداريءَ لاءِ گڏيل سهڪار جي دائره ڪار جي نئين سر تنظيم ۽ ان مقصد لاءِ نيون راهون استوار ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. ايئر چيف پاڪستان ۽ آمريڪا ??چ ۾ پهريان کان موج??د خوشگوار لاڳاپن جو احاطو ڪندي ٻنهي اتحادي ملڪن ??چ ۾ پهريان کان موجود هم آهنگي ۽ شراڪتداريءَ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪيو. هوائي ??وج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي مضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت سڀني اهم معاملن ۾ گڏيل اتفاق راءِ تي قائم آهن. آمريڪي سفير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي پيشوراڻي مهارتن جي تعريف ڪئي ۽ـ موجوده عسڪري قيادت جي سائي ۾ پاڪ فضائيه طرفان پاڻڀرو ٿي ميدان ۾ ڪيل نمايان اڳڀرائين کي ساراهيو. آمريڪي سفير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم جي به تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تربيتي شعبي جي بهتري ۽ـ آپريشنل صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏيندي ٻنهي ملڪن ??چ ۾ موجوده عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفا?? ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ آمريڪي سفير ??چ ۾ اها ملاقات پُراڻي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ دفاعي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ٻنهي پاسن جي عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.