ڪوئيٽا-08 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحست نسيم احمد خان خميس ڏينهن سي ايم ايڇ اسپتال جو دورو ڪيو جتي هنن قلعه سيف الله ۽ پشين بم ڌماڪن ۾ زخمي ماڻهن جي عيادت ڪئي، نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر علاج هيٺ ماڻهن جي جلد صح??يابي لا??ِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، بعد ۾ نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ۾ قائم هڪ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ پولنگ اسٽاف ۽ ووٽرن کي فراهم ڪيل س??ولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ٻنهي عهديدارن پاران چونڊن لا??ِ ڪيل س??ڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.