اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي ورڇ جي جائ??ي جي لاءِ ا??لام آباد ۾ مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪيو. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوري دوران مستحقين ??ان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي حوالي سان درپيش مسئلن بابت پڇيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته يقيني بڻايو وڃي ته رمضان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي لاءِ آيل مستحقين کي ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي.