اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ??ڻڪ جي مناسب قيمت، وقت سر قدمن ۽ خريداري جو عمل هموار بڻائڻ ضروري آهي، آبادگارن جي حوصلا افزائي سان ملڪ ۾ ??ڻڪ جي پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، آبادگار?? کي ??ڻڪ جي مناسب قيمت، بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلات?? کي منهن ڏيڻو پيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ??ڻڪ جي خريداري سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزارت ۽ پاسڪو جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آبادگارن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ رهي ٿي، آبادگار?? کي ??ڻڪ جي مناسبقيمت جي فراهمي سان ڳوٺاڻي معيشت کي فروغ ملندو. هن چيو ته غذائي تحفظ، مستقبل جي غذائي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻا پوندا، ??ڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي جديد سهولتن جي تعمير جي لاءِ نجي شعبي کي آسان قرض ڏنا وڃن، وقت سر پاليسي قدمن، مستقبل جي ضرورتن جي صحيح اڳڪٿي جي لاءِ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي دستيابي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صدر پاران زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز پن پيش ڪئي وئي.