اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻطرفو واپار ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. توانائي (پيٽروليم ڊويزن) واري ??زارت پاران پڌرائي موجب آذربائيجان جي اعليٰ سطحي سرڪاري ??فد پيٽروليم واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مل?? جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي. آذربائيجان جي وفد جي قيادت توانائي وارو وزير پرويز شهبازوف ڪري رهيو هو. وفد ۾ آذربائيجان جو معيشت وارو نائب وزير صاحب ممدوف، ايڪسپورٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي بابت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يوسف عبدالائيف، آذربائيجان جي سيڙپڪاري ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الوي منصوروف، ڊيجيٽل ڊيولپينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري ??زير جو صلاحڪار ايلچن ممدوف، ساڪر ٽريڊنگ جي گلوبل بزنس ڊيولپمينٽ جو سربراهه توگرال ڪوچارلي، انويسٽمنٽ پروموشن ڊپارٽمينٽ جو سينيئر اسپيشلسٽ امين گليئيف جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري، مواصلات ۽ نجڪاري ??ارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفقي وزير ڄام ڪمال خان، نيشنل ڪوآردينيٽر ايس آءِ ايف سي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ وفاقي سيڪريٽريز شامل هئا. ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق مل?? ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي رابطن جي بنياد تي ٻنهي مل??ن جي تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ملتان ڪاروان سرائي، صديون پراڻي رشتي جو ثبوت آهي. پاڪستاني وفد ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي موقعن بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر مصدق مل?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان خطي ۾ واپاري ??نڊين جي فروغ ۽ وچ ايشيا مان يورپ تائين ڦهليل اقتصادي لنگهن ۾ حصيدار بڻجڻ جو خواهشمند آهي. هن کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات خاص طور تي سون ۽ ٽامي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن جو ذڪر ڪيو، آذربائيجان کي کاڻين جي کوٽائي ۾ مهارت حاصل آهي، هو ان شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. ملاقات ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان توانائي جي طلب جو تمام وڏو مرڪز آهي. هن چيو ته ٻئي مل?? گڏجي آءِ ٽي جي صلاحيت خاص طور تي مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، انساني وسيلن جي تربيت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بجلي واري ??فاقي وزير اويس خان لغاري بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري ??ڌيڪ منافعو ڏي??دڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. واپار واري ??فاقي وزير ڄام ڪمال خان آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي تازي دوري دوران طئي ٿي??دڙ معاهدن کي ساراهيو. هن نجي شعبي جي لاءِ ٺوس بريفنگ جي اهميت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي وفد ان سلسلي ۾ پيش ڪئي وي??دڙ تجويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ورڪنگ گروپس کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرويز شهبازوف پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ تي پاڪستاني وفد جا ٿورا مڃيا. هن ورڪنگ گروپ جي جلد اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستاني وفد پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري ۽ ان معاملي ي تيزي سان اڳڀرائي جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين فوڪل پروسنز مقرر ڪرڻ، منصوبن جي چونڊ ۽ انهن کي منظوري جي لاءِ جلد قيادت آڏو پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.