اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته موذي م??ضن ?? مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج نه ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت ملڪ جي مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2025ع بابت ايڊوائيزري موڪلي آهي جنهن موجب موذي بيمارين ?? مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج لاءِ روانو نه ٿي سگهندا. جاري ڪيل حج ايڊوائيزري موجب موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي صرف صحتمند ماڻهن کي حج لاءِ سفر جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته گڙدن، دل، ڦڦڙن ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين سميت ٻين موذي بيمارين ?? مبتلا ماڻهو ?? 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳورهارين عورتن کي حج لاءِ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. ترجمان موجب حج لاءِ گردن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمياتي انفلوئنزا ۽ پوليو ويڪسين لڳ??ئڻ لازمي هوندي.