لاهور-29 آگسٽ(اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ بئريسٽر چوڌري اعتزاز ا??سن ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته صوبي ۾ سياسي قيادت کي صوبائي حقن لاءِ هڪ پليٽ ف??رم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اعتزاز ا??سن جهڙي جمهوريت ۽ اصول پسند قيادت اسان جي ملڪ جو اثاثو آهي. پارٽي جي سينئر قيادت سان مشورا ۽ ان جي رهنمائي ضروري آهي. مضبوط ۽ جمهوري لحاظ سان مستحڪم وفاق شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو، اعتزاز ا??سن خيبرپختونخوا جي گورنر جي آئيني عهدي تي فيصل ڪريم ڪنڊي جي مقرري تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته وفاق سان خيبرپختونخوا جي حقن جي حاصلات لاءِ گورنر جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.