اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ناڻي واڌ جي شرح گذريل ٽن سالن ۾ پهريون ??يرو 9.5 سيڪڙو جي سطح تي اچي ??ئي آهي، اهو رڳو اتفاق نه آهي، ڪوششن جو ثمر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري موجب آگسٽ 2024ع ۾ ٽن سالن ۾ پهريون ??يرو ناڻي واڌ جي شرح هڪ انگ تي اچي ??ئي آهي. هن چيو ته اسان جو ڌيان عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ تي آهي، اسان جو ڪم اڃا ختم ناهي ٿيو، اڃا وڌيڪ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان حقي??ي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ پرع??م آهيون.