اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) عمران احمد صديقي سان ٿائيلينڊ جي 8 رڪني وفد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت مذهبي معاملن جو ڊائريڪٽر جنرل چياپون سڪ ليم ڪري رهيو هو، وفد ۾ انيل ساڪيا پڻ شامل هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٿائيلينڊ جي وفد سان ڳ??لهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ ۽ پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي ??چ ۾ ٻڌمت ج?? گڏيل ورثي سان ڳنڍيل گهري ثقاتي تعلق تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين گڏيل ثقافتي ۽ آرٽ جي منصوبن ۽ پنهنج?? گڏيل ورثي ج?? گڏيل اف??ام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو.