اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ??وم دفاع ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، 6 سيپٽمبر 1965 اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن پاڪ فوج نه ??ڳو ڀارت کي شڪست ڏني پر پاڪ ڌرتي تي قبضي جو ڀارتي خواب پڻ ٽوڙي ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ??وم دفاع جي مناسبت سان اڄ جمعي ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام جي دعائن سان ٿي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي مقرر ٿيل گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. لاهور ۾ شاعر ع??ام?? محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي. اڄ جي ڏينهن 1965ع ۾ پاڪ فوج جي بهادر جوانن مڪار دشمن جي سمورين چالن کي ناڪام بڻايو هو، بزدل دشمنن کي پاڪ سرزمين ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ تي سبق سيکاريو. شجاعت، ايثار ۽ بهادري جي لازوال داستان لکندڙن کي قوم اڄ به سلام پيش ڪري ٿي.