اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ ??ان جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچ??پي جي مختلف شعبن ۾ بهترين تعاون ڪندا آيا آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر آصف علي ز??دا??ي سريلنڪا جي قيادت ۽ عوام لاءِ بهترين صحت ۽ مسلسل خوشحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪيو.