اسلام آباد-23 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو هميشه برداشت، صبر ۽ حق جو آواز بلند ڪرڻ جو سبق سکاريو ۽ ملڪ ۾ جمھوريت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مثالي جدو جھد ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جمھوريت جي بحالي خاطر قيد جون مشڪلاتون برداشت ڪيون ۽ ڏک??ي وقت ۾ به صبر ۽ استقامت جو دامن نه ڇڏيو. ھن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو پنھنجي اولاد جي بھترين پرورش ڪئي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي عورتن لاءِ رول ماڊل آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي شھيدن جي پارٽي آھي مستقبل ۾ به پاڪستان جي بقا لاءِ ڪنھن قرباني کان نه ڪيٻائيندي. پاڪستان جي ترقي ۽ آئين جي بلندي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان پيپلزپارٽي ڏنيون آهن. آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي وقار لاءِ جدو جھد جاري رکنداسين. بيگم نصرت ڀٽو جي خدمتن کي پاڪستاني تاريخ ۾ ساندار لفظن ۾ لکيو ويندو. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو جا د??جا بلند ڪري ۽ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام نصيب فرمائي.