اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ ايشيائي رياست تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي ??ربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان پهچي ويو آهي. اسلام آباد جي عالمي هوائي اڏي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين مهمان وزيراعظم جو شاندار ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو.
ان موقعي تي ??وايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستا پيش ڪيا. تاجڪ وزيراعظم جي آمد جي موقعي تي واپار واري وزير ۽ مهمان وزيراعظم وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون به ٿيون. پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفارتخاني جون اعليٰ سفارتي ??ختياريون به موجود هيون. تاجڪستان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي وٺرائ?? ۽ ??لائقائي سه??ار ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جون اميدون وڌي ويون آهن.