اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس ۾ شريڪ علائقائي اڳواڻن خطي جي صلاحيت ۽ امڪانن خاص طور تي واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي ل??ءِ تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايس سي او جي حڪومتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي صدارت وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪئي. اجلاس ۾ چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيرا??ظم لي چيانگ، بيلاروس جي وزيرا??ظم رومن گولوو چينڪو، قازقستان جي وزيرا??ظم اولزاس بيڪو تينو، روس جي وزيرا??ظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيرا??ظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جي وزيرا??ظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي وزيرن واري ڪابينا جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، ايران جي واپار واري وزير سيد محمد عطا بيڪ ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ منگوليا جي وزيرا??ظم اويون اردين لويسنا مسرايا ۽ ترڪمانستان جي نائب وزيرا??ظم راشد مريدوف پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا. چين جي وزيرا??ظم لي چيانگ پنهنجي خطاب ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت گڏيل تعاون کي فروغ ۽ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اسٽريٽجڪ صف بندي کي مضبوط ڪرڻ، وڏن خطرن جو فعال جواب ڏيڻ ۽ گڏيل مٽاسٽا کي وڌائڻ تي زور ڏنو. روس جي وزيرا??ظم ميخائل مشوستن ايس سي او ملڪن جي وچ ۾ گڏيل معاملن ۾ قومي ڪرنسين جي استعمال ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ملڪ ايندڙ سال ايس سي او جو اسٽارٽ اپ فورم منعقد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جي??ن جدت جي ميدان ۾ بهترين تجربن جي مٽاسٽا ڪري سگهجي ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهجن. ازبڪستان جي وزيرا??ظم عبدالله اريپوف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سندس ملڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي. هن واپار جي فروغ جي ل??ءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي واپاري طريقيڪار کي آسان بڻائن، واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. تاجڪستان جي وزيرا??ظم ڪُهر رسول زاده تعاون ۽ چٽاڀيٽي جي ذريعي امن ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. هن صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. ترڪمانستان جي نائب وزيرا??ظم راشد مريدوف چيو ته ترڪمانستان واپار، توانائي ۽ رابطاڪاري جي منصوبن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جي منصوبن جا امڪان تمام وڌيڪ آهن، تنهن ڪري ميمبر ملڪن کي انهن امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر پنهنجي خطاب ۾ روس – يوڪرين جنگ، اسرائيل – فلسطين جنگ، ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جي اثرن، شديد موسمي حالتن، سپلاءِ چين جي غيريقيني صورتحال جهڙن چئلينجز ۽ ايس سي او چارٽر ۾ انهن چئلينجز جي حل تي روشني وڌي. هن چيو ته عالمگيريت سان واپار، سيڙپڪاري، رابطاڪاري، توانائي جي وهڪري ۽ تعاون جي ٻين طريقن جهڙا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن جن سان ايس سي او جو خطو فائدو کڻي سگهي ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ چيو ته هڪ وڏي علائقائي تنظيم هجڻ جي ناطي ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي ل??ءِ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن ايس سي او سيڪريٽريٽ پاران ميمبر ملڪن جي سهولت لاءِ ڪارڪردگي کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته 2025ع کي ”پائيدار ترقي جو سال“ جي طور تي ملهايو ويندو. هن چيو ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي رابطن جي امڪانن جو فائدو کڻندي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مشڪلاتن ۽ چئلينجز کي حل ڪرڻ گهرجي.