اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي ??ي) نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جو سموآ جي ڳوٺ فاگالي جي ماڻهن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو جيڪو دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب سموآ جي عورتن، ڪميونٽيز ۽ سماجي ترقي بابت وزير مليپولا اناروسا الي موليو ۽ فاگالي ڳوٺ جي بزرگن ۽ نوجوانن فاگالي ڳوٺ ۾ نائب وزير??عظ?? جو شاندار استقبال ڪيو. ڳوٺ جي گهٽين کي پاڪستان جي قومي رنگن سائي ۽ اڇي سان سجايو ويو آهي. مقامي ڪميونٽي روايتي ساموئي ثقافت ۽ رقص جي نمائش ڪئي جيڪا پاڪستان ۽ سموآ سميت دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رشتي جي علامت آهي. نائب وزير??عظ?? فاگالي ڳوٺ جي ماڻهن جي ميزباني ۽ پيار کي ساراهيندي مقامي اسڪول جي ل??ءِ رنگ روغن جي پئڪيج ج?? اعلان ڪيو.