اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب روينيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ ۽ ٽريڊ پروگرام (ريميٽ) تي مجموعي اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي مختلف شراڪتدارن کي پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي حڪم?? عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي ريميٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. ڪميٽيءَ جي اجلاس جو مقصد ڪميٽيءَ جي گذريل اجلاس ۾ محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، واپ??ر ۽ ڪلي معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ هو. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، مختلف حڪومتي وزارتن جي اعليٰ اختيارين جن ۾ منصوبا بندي وزارت، ناڻو، واپار، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر ۽ ريميٽ جي عملدرآمدي شراڪتدارن، عالمي بئنڪ، جي سي ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ شامل هئا، انهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن خاص ڪري محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، ملڪي معيشت جي گورننس، واپ??ر ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ شراڪتدارن طرفان ڪيل اڳڀر??ئي جو جائزو ورتو ??يو. ان اڳڀرائيءَ جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۽ پائيد??ر ۽ جامع ترقيءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پروگرام تي مجموعي اڳڀر??ئي کي ساراهيو ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز ک?? هدايت ڪئي ته هو پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ اثرائتي حڪم?? عملي اختيار ڪن.