اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه چ??و آهي، ته پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي گذريل ڪجهه سالن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آهي، آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃڻ اسان جو هدف آهي. گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي آمريڪا ۽ ج??پان سان ٽيئر-1 جو درجو ڏنو و??و آهي. اهڙو اظهار هن آمريڪا ۾ رٿيل پهرين پاڪ – يو ايس ٽيڪ انويسٽمينٽ ڪانفرنس 2024ع کي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان يو ايس ٽيڪ انويسٽمينٽ ڪانفرنس پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ڪانفرنس پاڪستان آمريڪا جي ڪمپنين وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر گذريل ڪجهه سالن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 25 س??ڪڙ?? واڌ ٿي آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي هدايت تي آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃڻ اسان جو هدف آهي، ڪاروباري ادارن کي محفوظ سائبر اسپيس فراهم ڪرڻ لاءِ اسان اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي آمريڪا ۽ ج??پان سان ٽيئر-1 جو درجو ڏنو و??و آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي اي گورنمينٽ ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ به ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي انيبلڊ سروسز جو 60 س??ڪڙ?? کان وڌيڪ روانگي واپار آمريڪا، برطانيه ڏانهن وڃي ٿو. حڪومت آءِ ٽي انڊسٽري جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، شزه فاطمه چيو ته ملڪ ۾ ڊجيٽلائيزيشن لاءِ قدم جاري آهن. وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جوڙڻ لاءِ جلد قانونسازي ڪئي ويندي. پاڪستان کي پرڏيهي سيڙپڪارن ٽيڪنالاجي پارٽنرز لاءِ پرڪشش مقام طور ڏٺ?? پيوو ڃي. پاڪستان ۾ هر سال 75 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس ادارن مان تيار ٿي نڪرن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 63 س??ڪڙ?? نوجوانن تي ٻڌل آهي، نوجوان اسان سڀني جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون.