اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ لاڳاپن کي ???مذهب، اعتم??د ۽ گڏيل احترام“ تي ٻڌل هڪ مضبوط رشتو قرار ڏيندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو اسلام آباد ۾ يو اي اي جي 53هين قو??ي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ??اڪ??تان ۾ يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي، سفارتي برادري جي ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ??اڪ??تان يو اي اي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سياحت جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن يو اي اي جي ڪاروباري ادارن کي ??اڪ??تان جي معيشت بشمول ??اڪ??تان اسٽاڪ ايڪسچينج، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين موقعن سان ڀرپور شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ڇو ته ملڪ هڪ اهڙو سيڙپڪاري دوست ماحول پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪ – يو اي اي لاڳاپا هڪ قابل اعتماد اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اچي چڪا آهن جيڪا سياسي، معاشي ۽ سماجي رخن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته يو اي اي ??اڪ??تان جو هڪ اهم ترين معاشي حصيدار ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏو ملڪ آهي. صدر چيو ته تازو ئي سامونڊي، لاجسٽڪس ۽ هوابازي جهڙن شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون يو اي اي جي ??اڪ??تان جي معاشي صلاحيت تي پختي حمايت ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته ??اڪ??تان اهو پهريون ملڪ هو جنهن يو اي اي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي ان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. هن ??اڪ??تان جي مشڪل وقتن ۾ يو اي اي جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. صدر يو اي اي ۾ رهندڙ 18 لک ??اڪ??تانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي عوامي لاڳاپا اسان جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتم??د ۽ خيرسگالي جو اعليٰ مثال آهي. صدر يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ عوام کي يو اي اي جي قو??ي ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني.