اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اسٽيٽ لائيف کي ملتان جي رهواسي ۽ پي ٽي سي ٽيچر ولي محمد جي بيو??هه کي گروپ انشورنس منافعو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??ها ڳالهه شرمناڪ آهي ته هڪ بيو??هه کي 115000 روپين جي معمولي رقم جي خاطر 14 سالن جو انتظار ۽ ڪوشش ڪرڻي پئي، ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ادائيگي ۾ غير معمولي د??ر تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لائيف جي درخواست کي رد ڪري ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته ??سٽيٽ لائيف 30 ڏينهن اندر بيو??هه کي منافعو ادا ڪيو وڃي، صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اسٽيٽ لائيف کي معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ جي ذميدارن جو تعين ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪرڻ ۽ 3 مهينن ۾ رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.