ميانوالي – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ما??ل پوليس اسٽيشن پوري پنجاب لاءِ مثال هوندي، اسان کي پنجاب ۾ ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪرڻو آهي ان لاءِ آءِ جي پنجاب کي وفاقي حڪومت طرفان هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، انگريز دور جو نظام تبديل ڪرڻو آهي، ماضي ۾ ٿاڻي ڪچهري کي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو ويندو رهيو، اسان پنجاب پوليس کي خيبرپختونخوا وانگر بڻائينداسين ته جيئن ما??هو ان تي اعتماد ڪري سگهن، ميانوالي ۾ ما??ل پوليس اسٽيشن جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ان ما??ل پوليس اسٽيشن جي قيام تي هو پوليس کاتي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.