اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرونا جو مقابلو ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پاڪستاني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي سان مقابلو ڪيو آهي، مون کي پورو يقين آه?? ته پاڪستاني قوم ايمان، ??تحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرونا جي وبا جو مقابلو ڪندي ۽ ان کي شڪس?? ڏيندي، پاڪستاني بهادر قوم آهي ۽ هي قوم تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي عوام سان سڌوسنئون رابطي دوران شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان متاثر ملڪن کان جيڪي تجربا سکيا ويا آهن، ??نهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چر??ر کي محدود ڪيو وڃ?? ته ان وبا کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.