??سل??م آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مد??گار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام کي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۽ بک کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف (ن) ليگي قيادت کي عوام بدران شريف خاندان جو درد ياد اچي رهيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? شاهد خاقان عباسي کي مخاطب ڪندي هن چيو ته جن حڪمرانن کان ملڪ نه هلندو هو عوام انهن کي اقتدار کان ٻا??ر ڪري ڇڏيو، پنجاب ۾ (ن) ليگين جو شهباز شريف کي ياد ڪرڻ انهن جي اقتدار کان محرومي سان واڳيل آهي.