اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پاڪست??ن جي هٿياربند فوجن پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار پريڊ ڪئي، پريڊ ۾ ترڪ فوجي ??ينڊ، بحرين، فلسطين، عراق، سريلنڪا ۽ ترڪي جي پيراٽروپرز خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، پريڊ دوران پاڪست??ن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي عسڪري قوت جو زبردست مظاهرو ڪيو و??و. ??اضرين جو ملي جوش ۽ جذبو هڪ قوم هڪ منزل جي ٿيم جو حقيقي عڪاس هو. هٿياربند فوج جي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو قومي جهنڊي کي 21 توپن جي ??لامتي ڏني وئي. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ عيسيٰ بن خليفه، ڪمانڊر يو ڪي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ چيف آف دي ڊفينس اينڊ ڪمانڊر سريلنڪن آرمي به پريڊ جو مشاهدو ڪ??و. ??ڪرپڙي??ن جي پريڊ گرائونڊ ۾ قومي علم کي 21 توپن جي ??لامي پيش ڪئي وئي ۽ 105 فيلڊ ريجمينٽ قومي علم کي سلامي ڏني. تقريب ۾ بر?? فوج جي ??ربراهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز (ملٽري)، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سعيد نعمان علي هلال امتياز (ملٽري)، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي هلال امتياز (ملٽري)، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي ??فيرن، فنڪارن، رانديگرن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي تعداد يوم پاڪست??ن جي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ روايتي بگل وڄائي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي ??ا?? مهمان ڊاڪٽر عارف علوي جي ??مد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو خصوصي لال بگي ۾ سوار ٿي پريڊ گرائونڊ پهتو. پريڊ خا?? مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي سلامي پيش ڪئي ۽ قومي ترانا ٻڌايو ويو. قومي تراني کانپوءِ قرآني آيتن جي ??لاوت سان تقريب جو باقاعد آغاز ڪيو ويو. هٿياربند فوج يوم پاڪستان پريڊ جي پريڊ ڪمانڊر خا?? مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان پريڊ جي معائني جي ??رخواست ڪئي. يوم پاڪستان پريڊ ۾ ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ فلاحي پاسٽ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي ??هازن فلائي پاسٽ ڪيو، صدر پاران پريڊ جي معائني کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه فلائنگ پاسٽ جو شاندار ۽ مظاهرو ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ??ستن مارچ پاسٽ ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي ??فاعي ساز ۽ سام??ن جي نمائش به ڪئي وئي.