اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سبي ۾ ايف سي جوانن تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي خاطر ??هادت ماڻيندڙ قوم جا محسن آهن، ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ??امياب نه ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردي جي خ??اف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي ??ور??زس سان گڏ بيٺل آهي، ان طرح جون بزدلاڻيون ڪاررواين سان امن امان جي ڪوششن کي سبوتاز نٿو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سيڪيورٽي ??ور??ز امن امان جي بحالي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن.