اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ورلڊ پاپوليشن ريويو سڄي دنيا ۾ رهڻي ڪهڻي جي خرچن (ڪاسٽ آ?? ليونگ) بابت پنهنجي سالياني رپورٽ 2021ع جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي سستو ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، 22 ڪروڙ 51 لک 99 هزار 937 آبادي سان گڏ پاڪستان ۾ ڪاسٽ آ?? ليونگ 18.58 آهي، 3 ڪروڙ 98 لک 35 هزار 428 آبادي سان گڏ افغانستان ۾ ڪاسٽ آ?? ليونگ 24.51، انڊيا ۾ هڪ ارب 39 ڪروڙ 34 لک 9 هزار 38 جي آبادي سان گڏ ڪاسٽ آ?? ليونگ 25.14 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ازبڪستان ۾ ڪاسٽ آ?? ليونگ 30.25، نيپال 30.69، نائجيري?? 31.75، ويٽنام 38.72، ملائيشيا 39.46، برازيل ۾ 42.64 آهي. هن ٻڌايو ته ڪاسٽ آ?? ليونگ جي حوالي سان دنيا جي مهانگي ترين ملڪن ۾ ڪيمين آئس لينڊ ۾ 141.64، بر??نڊ?? ۾ 138.22، سوئيٽزرلينڊ ۾ 122.67 ۽ ناروي ۾ ڪاسٽ آ?? ليونگ 104.49 آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته عالمي اداري هر ملڪ جي رينٽ انڊيڪس، مقامي قومي خ??يد?? ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۽ گروسري انڊيڪس کي نظر ۾ رکي اها رپورٽ تيار ڪئي آهي.