اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ??نرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ??يڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ??يئر چيف مارشل ظ??ير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبدي??ين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏي?? لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.