اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي لا??اڻ?? تي افسوس جو اظهار ڪ??دي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ صدر چيو ته عمر شريف منفرد مزاح جو مالڪ هو. هن چيو ته عمر شريف ڪاميڊي جي دنيا ۾ پنهنجو جدا مقام ٺاهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.