اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽر??ل جي اسمگلنگ ۽ مني ل??نڊرنگ جي روڪٿام جي ل??ءِ هنگامي ق??م کنيا وڃن. اها هدايت هن اسمگلنگ ۽ مني ل??نڊرنگ جي روڪٿام جي ق??من جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شيخ رشيد احمد، اسد عمر، خسرو بختيار، سيد فخر امام، حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين کانسواءِ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪمند، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽر??ل جي اسمگلنگ ۽ مني ل??نڊرنگ جي روڪٿام جي ل??ءِ هنگامي ق??م کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي انهن قدمن جو مقصد عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ آهي. ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فرق اسمگلنگ جي ڪري ٿئي ٿو، اسمگلنگ جي ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري قيمتون وڌي وڃن ٿيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي ڊالر جي مني ل??نڊرنگ ۽ غيرقانوني ذخيري جي خلاف وسيع جاچ ڪئي آهي. بارڊر ڪراسنگز تي افرادي قوت وڌائي پئي وڃي ته جيئن م??ل جي چيڪنگ ۽ چرپر جي ٽريڪنگ ممڪن ٿي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني پيٽر??ل جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف آپريشن ۾ سٺي ڪاميابي ملي آهي.