ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ??ڪر??ر کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته پهرين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ ڪا به جنگ دنيا جي بقاءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته ڳالهه ٻولهه جي رجحان جي فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي سان هر تقريب منعق?? ڪري ٿو جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به شاگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ملڪن جي وچ ۾ ??ڪر??رن جي فوري حل سان ئي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.