اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صدر امجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪ??وي??شن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اوورسيز ڪ??وي??شن ۾ تحريڪ انصاف نيويارڪ جي وفد جي شرڪت تي خصوصي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورس??ز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بلند ڪيو ۽ انهن کي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صدر امجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورس??ز پاڪستان??ز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورس??ز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اوورس??ز پاڪستاني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته اوورس??ز پاڪستانيز ملڪ جي معاشي ترق?? لاءِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن چيو ته انشاءُ الله مخالف ڌر پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.