بيجنگ – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ چين پهچي ويو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افعانستان بابت خصوصي نمائندو ايم??يس??ر محمد صادق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ آ??ن. ??وانگ شن عالمي ايئرپورٽ پهچڻ تي چين ۾ مقرر پاڪستان?? سفير معين الحق ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اج??اس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پنهنجي اهم خطاب ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندو. چين ۾ منعقد افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اج??اس جي موقعي تي پرڏيهي وزير چين، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.