اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان ۽ صوماليه جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريقي م??ڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي م??اقات دوران ڪيو. صدر او آءِ سي م??ڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي صوماليه جو ٿورو ادا ڪيو، صدر ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي م??اسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر صومالي پارليامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پاران پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، صدر چيو ته صومالي شاگردن جو هڪ وڏو تع??اد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهي?? آهي، پاڪستان ڪافي تع??اد ۾ صومالي پناهگيرن جي م??زباني ڪري رهي?? آهي ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آهي. صدر ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو.